آصف کي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪيندو هئس، والد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ)افغانستان خلاف ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ قومي ٽيم فتح ڏياريندڙ آصف علي جي والد به پٽ جي ڪارڪردگي تي خوشي جو اظهار ڪيو. افغانستان خلاف ميچ ۾ آصف علي جي گهر ۾ جشن ملهايو ويو، جنهن هڪ اوور ۾ 4 ڇڪا هڻي قومي ٽيم کي فتح ڏياري. آصف علي جي والد پنهنجي پٽ جي ڪارڪردگيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته هو آصف کي کيڏڻ کان روڪيندو هو پر بعد ۾ سندس ساٿ ڏنو. هن چيو ته الله پاڪ آصف جي هٿان پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ڏياري.

پهنجو تبصرو موڪليو