ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري عيد ڪرڻ لاءِ دبئي مان ڪراچي پهچي ويو آهي. نجي جهاز م ڪراچي پهتل صدر زرداري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو عيد نماز نوابشاهه ۾ ادا ڪندو. بلاول ڀٽو ۽ صدر زرداري گڏيل عرب امارات ۾ هئا. جتي اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف به ڪجهه ڏينهن کان ترسيل آهي. ٻنهي پارٽين ۾ ايندڙ چونڊون ڪرائڻ، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ معاشي استحڪام بابت ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ مريم نواز به موجود هئي. ٻنهي پارٽين ملاقات جي تفصيلن بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو.










