نوابشاهه(ن س) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عيد جو ٻيو ڏينهن به اباڻي شهر نوابشاهه ۾ گذاريو، ملڪ جي مختلف شهرن کان ايندڙ پارٽي اڳواڻن سان عيد مليو ۽ ايندڙ اليڪشن جي تيارين بابت کين هدايتون ڏنيون. هن جمعي ڏينهن بالو جا قبا تي حاضري ڀري جتي والدين جي قبرن تي گل رکيا ۽ فاتحه پڙهي. ان موقعي تي بختاور ڀٽو زرداري، محمود چوڌري، عذرا فضل پيچوهو، سندس ور فضل الله پيچوهو، فوزيا زرداري ۽ عاشق زرداري به ساڻس گڏ هئا. هن پنهنجي فوت ٿيل چاچي محمد هاشم زرداري ۽ سوٽ آفتاب علي زرداري جي قبر تي به فاتحا پڙهي ۽ گل رکيا.










