ايندڙ وفاقي حڪومت بلاول جي ڏسان پيو، آصف زرداري

ايندڙ وفاقي حڪومت بلاول جي ڏسان پيو، آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪا ۾ فليٽ جي  نيب انڪوائري ڪيس ۾ آصف زرداري جِي حفاظتي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 5 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي. عدالت 28 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي ڪاروائي بعد هلندي هلندي صحافين کائنس پڇو ته ڇا اوهان ميان نواز شريف کي مشورو ڏيندا ته هو وطن اچي ته هن چيو ته مان ڪنهن کي به مشورو نه ڏيندس، جنهن کي اچڻو آهي ته ڀلي اچي. صحافين کيس چيو ته ڇا اوهان کي نٿو لڳي ٿو ته ميان صاحب ۽ اوهان لاءِ ڌار ڌار قانون آهي ته هن چيو ته ميان صاحب جو ڊوميسائيل مونکان بهتر آهي. صهافين پچو ته ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي ته هن چيو وفاقي حڪومت بلاول جي ڏسان پيو. ان کان اڳ ٻڌڻي شروع ٿي ته اڳوڻي صدر جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ، لطيف کوسو، شيري رحمان، سيد نيئر بخاري، رخسانه بنگش ۽ ٻيا اڳوڻي صدر سان گڏ عدالت پهتا. گذريل ڏينهن سندس وڪيل چيو  هو ته اڳوڻو صدر بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي، کيس حاضري کان آجو قرار ڏيندي حفاظتي ضمانت منظور ڪريو. نيب کيس طلبي جا نوٽيس ڏنا آهن، خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، جسٽس عامر فاروق چيو ته جوابدار جي غير حاضري سبب کيس حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهي، چيف جسٽس چيو ته اهو ته پوءِ سڀني لاءِ مثال بڻجي ويندو. آصف زرداري عبوري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو. فاروق نائڪ چيو ته مهلت ڏيو هو سڀاڻي ايئر ايمبولينس ۾ ايندو. عدالت وڌيڪ سماعت ملتوي ڪئي هئي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي خرم شيرزمان 2018 نيويارڪ جي مينهيٽن واري علائقي ۾ فليٽ ظاهر نه ڪرڻ تي خندس خلاف نا اهلي جو ڪيس داخل ڪيو هو. جيڪو هن واپس وٺي ڇڏيو هو. گذريل مهيني جڏهن نيب ان بابت انڪوائري شروع ڪئي ته آصف علي زرداري چيو هو ته سندس اها ملڪيت ناهي نيب بدنام پئي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو