دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ ٽي 20 ٽورنامينٽ جي سپر فور مرحلي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پيش آيل واقعي تي پاڪستاني بيٽسمين آصف علي تي ڏنڊ پئجي سگهي ٿو.ذريعن موجب آصف علي تي آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ليول ون تحت ڏنڊ لڳڻ جو امڪان آهي.گذريل ڏينهن جي ميچ دوران آصف علي ۽ افغانستان جي فاسٽ بالر فريد احمد وچ ۾ تلخ جملوں جو تبادلہ ٿيو.آصف علي کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ فريد احمد بدتميز زبان استعمال ڪئي ۽ فحش اشارا ڪيا، جنهن کانپوءِ آصف علي جواب ۾ پنهنجو بيٽ افغان بالر ڏانهن وڌايو، جنهن دوران ٻنهي رانديگرن ۾ جسماني رابطو ٿيو. ذريعن موجب ميچ کانپوءِ ميچ ريفري ٻنهي رانديگرن کي ٻڌڻي لاءِ طلب ڪيو ۽ ٻنهي ڪرڪيٽرن کي ڏنڊ بابت آگاهي ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي ان حوالي سان باضابطا اعلان اڄ ڪندو.










