آصف زرداري ۽ ملڪ رياض جي مبينا آڊيو وائرل

آصف زرداري ۽ ملڪ رياض جي مبينا آڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مشهور پراپرٽي ٽائڪون ملڪ رياض جي ”عمران خان“ جو پيغام اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پهچائڻ جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي.رپورٽ موجب ملڪ رياض فون تي آصف زرداري کي چوي ٿو ته ”خان جا پيغام اچي رهيا آهن ته ٺاهه ڪرايو“.ملڪ رياض چيو ته ”اڄ ته هن مون کي کوڙ ميسيجز ڪيا آهن ته پيچ اپ ڪرائي ڇڏيو“.ملڪ رياض جي ان ڳالهه تي آصف زرداري جواب ڏنو ته ”هاڻي امپاسيبل آهي نه“. ملڪ رياض جو آخري جملو اهو ٻڌڻ اچي ٿو ته ”نه ٺيڪ آهي، بس اوهان سامهون ڳالهه رکي ڇڏي“.ڳالهه ٻولهه ۾ آصف زرداري کنگهندي به ٻڌي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو