آصف حيدر شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر

آصف حيدر شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت گريڊ 22 جي آفيسر سيد آصف حيدر شاهه کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو،سيد آصف حيدر شاهه کي وفاقي سيڪريٽري موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطو مقرر ڪيو ويو.آصف حيدر شاهه 1993ع ۾ سول سروس آف پاڪستان ۾ شامل ٿيو آصف حيدر شاهه ڪمشنر حيدرآباد، ڪمشنر ڪراچي، اسپيشل سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن، وفاقي سيڪريٽري ثقافت وزارت ۽ وفاقي سيڪريٽري پاور ڊويزن طور ڪم ڪري چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو ترجمان موجب سيد آصف حيدر شاهه پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهي سيد آصف حيدر شاهه IBA ڪراچي مان ايم بي اي جي ڊگري، هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان ماسٽرس جي ڊگري ۽ هارورڊ ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽين مان فيلوشپ حاصل ڪئي آهي. آصف حيدر شاهه وٽ غير معمولي انتظامي صلاحيتون آهن ۽ عوامي خدمت جي فراهمي لاءِ هڪ فعال انداز آهي ماضي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر طور سندس ڪارڪردگيءَ کي سماج جي مختلف طبقن طرفان ساراهيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو