آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل شهباز شريف بيگناهه قرار

آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل شهباز شريف بيگناهه قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو.نيب رپورٽ موجب آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي ٺيڪي ۾ ڪرپشن جا ڪي به ثبوت نه مليا، سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو ۽ شهباز شريف کي ڪو به فائدو ناهي مليو.نيب موجب شهباز شريف خلاف آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال جا ڪي به ثبوت نه مليا، ان ڪيس ۾ شهباز شريف خلاف بدنيتي جو ڪو به پاسو ثابت ناهي ٿيو.نيب جو چوڻ آهي ته اهو بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿي رهيو آهي ته سرڪاري خزاني کي نقصان ناهي پهچايو ويو.نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪامران ڪياني به نه سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ۽ نه ئي فواد حسن فواد ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ورتي.نيب موجب شهباز شريف آشيانه هائوسنگ اسڪيم لاڳو قانون موجب اينٽي ڪرپشن کي موڪلي هئي.نيب سفارش ڪئي آهي ته احتساب عدالت شهباز شريف جي بريت واري درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو