لاهور(ويب ڊيسڪ) آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن جي بريت لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ وڪيل امجد پرويز وزيراعظم شهباز شريف، احد چيما ۽ فواد حسن فواد جي بريت لاءِ درخواستون داخل ڪيون.درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب جي جاچ رپورٽ ۾ هن وقت تائين ڪا به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي، ضمني جاچ رپورٽ ۾ نيب کي بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي ريفرنس مان خارج ڪيو وڃي.










