آسٽريليا 459 تي آل آئوٽ، نعمان علي جون 6 وڪيٽون

آسٽريليا 459 تي آل آئوٽ، نعمان علي جون 6 وڪيٽون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ۾ آسٽريليا کي 459 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ قومي ٽيم کي آسٽريليا تي 17 رنسن جي سرسي حاصل آهي. راند جي آخري ڏينهن تي آسٽريليا پنهنجي اننگز جي شروعات 7 وڪيٽن جي نقصان تي 449 رنسن سان ڪئي پر پاڪستاني بالرن راند جي شروعات ۾ ئي ڪينگروز کي قابو ڪري ڇڏيو.455 جي اسڪور تي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز نعمان علي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو، جنهن کانپوءِ شاهين آفريدي 459 جي اسڪور تي مچل اسٽارڪ کي ايل بي ڊبليو ڪيو.459 جي اسڪور تي نعمان علي ٽن رنسن تي ناٿن ليون کي پويلين موڪليو. پاڪستان طرفان نعمان علي سڀ کان وڌيڪ 6 وڪيٽون ورتيون، شاهين آفريدي 2، نسيم شاهه ۽ ساجد خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 476 رنسون ٺاهي پهرين اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي. پاڪستان طرفان اظهر علي 185 ۽ امام الحق 157 رنسون ٺاهيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو