آسٽريليا: شادي جي مهمانن کي کڻي ويندڙ بس ڪلٽي، 10 ڄڻا فوت

آسٽريليا: شادي جي مهمانن کي کڻي ويندڙ بس ڪلٽي، 10 ڄڻا فوت

ويلز )ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي شهر نيو سائوٿ ويلز جي هنٽر وادي ۾ شادي جي مهمانن کي کڻي ويندڙ بس خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا.فرانسيسي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حادثو آچر جي رات 11:30 کان پوءِ پيش آيو جڏهن مسافرن سان ڀريل بس اونڌي ٿي وئي، خدشو آهي ته ڪوهيڙي سبب بس ڪلٽي ٿي سگهي ٿي پر واقعي جي جاچ جاري آهي.اسسٽنٽ پوليس ڪمشنر موجب، بس ڊرائيور جي عمر 58 سال آهي، جنهن کي حادثي بعد حراست ۾ ورتو ويو آهي، اسپتال ۾ سندس طبي معائنو به ڪيو پيو وڃي.پوليس موجب مارجي ويلن جو انگ 10 کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته 25 زخمين مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي.واقعي جا تفصيل ڏيندي پوليس جو چوڻ آهي ته بس هڪ شادي ۾ آيل مهمانن کي کڻي وڃي رهي هئي ۽ جنهن وقت حادثو پيش آيو ان وقت ڪيترائي ماڻهو سمهي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو