لاهور(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ٽي 20 جي ٽن ميچز ۽ ٽيسٽ سيريز جي ٻن ميچز لاءِ ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سرفراز، شعيب ملڪ، حفيظ، حسن علي عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. ٽيمن جو اعلان چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا کي هوم گرائونڊ تي شڪست صرف ۽ صرف جارحاڻي ڪرڪٽ کيڏڻ سان ئي ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهڪ هڪ نقطو ذهن ۾ رکي رانديگرن جو چونڊ ڪئي وئي آهي. تي ٽوئنٽي جو ڪپتان بابر اعظم ۽ ٽيسٽ جو اظهر علي هوندا.

مصباح الحق ٻڌايو ته ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ واري ٽيم 26 آڪٽوبر تي سڊني لاءِ رواني ٿيندي جتي 31 آڪٽوبر تي وارم اپ ميچ کيڏندي، پهرين ٽي ٽوئنٽي 3 نومبر تي سڊني، ٻئي ميچ 5 نومبر تي ڪينبرا ۽ ٽئين ميچ 8 نومبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم 28 کان 31 تائين قائد اعظم ٽرافي جو پنجو رائونڊ کيڏڻ بعد رواني ٿيندي. پهرين ٽيسٽ 21 کان 25 نومبر تائين برزبين ۽ ٻئي ٽيسٽ ميچ 29 کان 3 ڊسمبر تائين ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، آصف علي، فخر الزمان، حارث سهيل، افتخار احمد، عماد وسيم، امام الحق، شاداب خان، موسيٰ خان، محمد عامر، محمد حسنين، محمد عرفان، محمد رضوان، وهاب رياض ۽ مڊل آرڊر ۾ جارحاڻي بيٽگ ڪندڙ خوش دل شاهه شامل آهن. جڏهن تي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي، عابد علي، اسد شفيق، بابر اعظم، حارث سهيل، امام الحق، عمران خان سينئر، افتخار احمد، ڪاشف ڀٽي، محمد عباس، محمد رضوان، موسيٰ خان، انعم شاهه، شاهين شاهه آفريدي ۽ ياسر شاهه شامل آهن. مصباح الحق چيو ته سرفراز کي سدائين اسين سپورٽ ڪئي پر هو اڄڪلهه آئوٽ آف فارم آهي، هن لاءِ دروازا کليل آهن هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي فارم بحال ڪري واپس اچي سگهي ٿو. هن چيو ته نون رانديگرن کي موقعو ڏنو آهي ۽ اميد ته هو ڪجهه نمايان ڪندا.










