آزاد ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي گاڏي سان حادثو، 9 جوان شهيد

آزاد ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي گاڏي سان حادثو، 9 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي گاڏي سان پيش آيل حادثي ۾ 9 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب پاڪ فوج جي گاڏي سان حادثو آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ويجهو پيش آيو جنهن ۾ 9 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايچ راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جي جنازي نماز منگلا ڇانوڻي ۾ ادا ڪئي وئي آهي. جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا سميت فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه تدفين لاءِ اباڻن علائقن ڏانهن موڪلي ويندا، شهيدن جي تدفين مڪمل فوجي اعزاز سان ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو