آزاد ڪشمير ۾ شرپسندن جي فائرنگ، سيڪيورٽي اهلڪار زخمي

آزاد ڪشمير ۾ شرپسندن جي فائرنگ، سيڪيورٽي اهلڪار زخمي

مظفر آباد: (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ شرپسند ڪميٽي امن برقرار رکڻ جي سمورن دعوائن جي باوجود پرتشدد ڪاررواين ۾ مصروف آهي.ڪالعدم ڪميٽي جي شرپسندن راولاڪوٽ ۾ فائرنگ ۽ وحشاڻي تشدد ذريعي ڊيوٽي تي مقرر ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي اهلڪار علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا هئا. شرپسند ڪميٽي جا ميمبر ان کان اڳ به سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندي ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪري چڪا آهن. ماهرن موجب، نام نهاد ايڪشن ڪميٽي پاران پرتشدد ڪاررواين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ٽولو عوامي حقن جي جدوجهد جي بجاءِ اشتعال انگيز ايجنڊا تي ڪاربند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو