ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ عام چونڊن ۾ 30 يا 40 سيٽون کٽي سگهي ٿي،پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته مون خواب ڏٺو آهي ته پ پ ۾ آزاد اميدوار ايندو، اها سٺي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ جو باني جيل ۾ آهي، ٻاهر هجي ها ته اميدوار به نه اچي ها، منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران ن ليگ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا،هن وڌيڪ چيو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته فتح پيپلز پارٽي جي آهي.










