اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ پارٽيءَ جي پاليسي کان ڦري وڃڻ ملڪ جي مفاد ۾ به ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل پاران ريمارڪس ڏنا ويا چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پاران آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل ڪرايل صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ۾ چيو ته هڪڙو چوي ٿو آزاد عدليه گهرجي ٻيو چوي ٿو آئين جي تابع عدليه گهرجي ھن چيو تھ آئين جي تابع پارليمينٽ، ايگيزيڪيوٽو ۽ عدليه هئڻ گهرجي، بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته يوٽيلٽي بلز ادا نه ڪندڙ به رڪنيت جو اهل نه هوندو آهي، جيڪڏهن آرٽيڪل 63 اَي ۾ نااهلي جو تعين نه هجي ته نااهلي تاحيات هوندي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪو اميدوار ايندڙ اليڪشن کان اڳ يوٽيلٽي بل ادا ڪري ڇڏي ته ڇا پوءِ به هو نااهل هوندو؟ بل ادا ڪرڻ کانپوءِ نااهلي ختم ٿي ويندي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت ئي نااهلي تاحيات آهي، جسٽس مظهر عالم رمارڪس ۾ چيو ته توهان چئو ٿا ته منحرف ميمبرز کي تاحيات نااهل ڪيو، منهنجي نظر ۾ آرٽيڪل 63 ون جي ڀڃڪڙي وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي










