راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ جي ايڇ ڪيو پهتو، ان موقعي تي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي فوجي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي خلاف ڪوششن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب ملاقات دوران آرمي چيف بحرين سان فوجي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان بحرين سان مضبوط دفاعي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.ملاقات ۾ آرمي چيف گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.ٻئي طرف ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو، ملاقات ۾ ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ لگن کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسي دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بحرين جي عزم کي ورجايو.










