آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي، پاڪستان جا سمورا ادارا آزاد آهن، جمهوري حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي. واشنگٽن ۾ آمريڪي اداري ”فارين پاليسي“ جي ايڊيٽر ان چيف سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت اسان کي امداد جي آڇ ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڀارت کان امداد گهرون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي مچائي، متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عالمي برادري کي هن ڏکي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته اسان معيشت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪيا آهن، آمريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، آمريڪا سان لاڳاپن کي مستقبل ۾ نئين رخ تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته چين هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان ۾ جنگ سبب پاڙيسري ملڪن جو نقصان ٿيو آهي، اسان پرامن افغانستان چاهيون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي ڪا به شڪل آمريت کان بهتر آهي، اسان جمهوري روايتن تي يقين رکون ٿا ۽ غير جمهوري قدمن جي حمايت نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو