آرمي  چيف جي مقرري تي غير ضروري سياست ٿي پئي: بلاول

آرمي چيف جي مقرري تي غير ضروري سياست ٿي پئي: بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي بحث غير ضروري آهي.ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افسوس مقرري تي غير ضروري سياست ڪئي پئي وڃي، اسان جي ڪنهن اتحادي يا ڪنهن کي به جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، مقرري جي عمل کي آئين ۽ قانون موجب مڪمل ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته خان صاحب جي سياست شروع ڏينهن کان هڪ مقرري جي چوڌاري گهمي رهي آهي، اسان سياسي بيان بازي تي نه خدمت تي يقين رکون ٿا، سڀني جي ترجيح ملڪ ۽ ان جي خدمت هجڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن مان گذري رهيو آهي، ڪورونا، روس – يوڪرين جنگ ۽ موسمياتي تبديليون اسان کي متاثر ڪري رهيون آهن، ٻوڏ جا اثر معيشت ۽ بجيٽ تي به آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جگر جي علاج لاءِ ماڻهن کي ٻاهر وڃڻو پوندو هو، علاج تمام مهانگو آهي، مان ڏاڍو خوش آهيان ته سنڌ ۾ جگر جي علاج جي سهولت مفت ڏني پئي وڃي، اسان جو مقصد ئي اهو آهي ته عوام کي مفت سهولتون ڏيون.پرڏيهي وزير چيو ته جگر جي پيوندڪاري لاءِ سنڌ حڪومت فنانسنگ جو بندوبست ڪيو، هر ضلعي ۾ دل جي علاج لاءِ سهولت موجود آهي، اسپتالن ۾ سهولتون اڃا وڌائينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو