اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ 28 نومبر کان 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مظهر ميان خيل تي مشتمل بينچ جيورسٽس فائونڊيشن جي رياض حنيف راهي جي درخواست تي خميس تي لڳاتار ٽئين ڏينهن به ٻڌڻي جاري رکڻ بعد فيصلو ٻڌايو. آرمي چيف جي مدت اڄ رات ختم ٿي رهي هئي. عدالت چيو ته اسين عدالتي تحمل جو مظاهرو ڪندي پارليامينٽ ۽ حڪومت تي ڇڏيون ٿا ته آرمي چيف جي مدت ملازمت بابت تعين ڪري. حڪومت 6 مهينن ۾ ترميم جي خاطري ڪرائي آهي. اڳ ۾ حڪومت ڪنهن مهل ڪهڙو بيان ته ڪنهن مهل ڪهڙو بيان پئي ڏنو. آرمي چيف نئين قانون سازي تائين ڪم جاري رکي. ان کان اڳ ٻڌڻي شروع ٿي هئي ته عدالت جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي مدت ۾ واڌ ۽ جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا نوٽيفڪيشن طلب ڪيا.
خميس ڏينهن جي ڪاروائي جون خاص خاص ڳالهيون.
حڪومت 6 مهينن ۾ قانون ۾ ترميم ڪري، سمري مان 3 سالن جي مدت خارج ڪريو، سپريم ڪورٽ جي ڪاروائي جو حوالو سمري مان خارج ڪريو ۽ آرمي چيف جي پگهار ۽ الائونسز جو تفصيل لکو.
تفصيلي ڪاروائي
چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل چيو هو ته جنرل رٽائر ناهي ٿيندو، جيڪڏهن رٽائر نه ٿيندو آهي ته پوءِ پينشن به نه وٺڻ گهرجي. عدالت آڏو اٽارني جنرل منصور علي خان ۽ وزارت دفاع ۽ آرمي چيف جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيا. فروغ نسيم جنهن ڪالهه عدالت کي ٻڌايو هو ته سندس وڪالت جو لائسنس بحال آهي، تنهن اصل ۾ غلط بياني ڪئي هئي ڇو ته هن ڪالهه پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين کي وڪالت جو لائسنس بحال ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي ۽ سندس لائسنس ڪالهه سندس درخواست بعد بحال ٿيو هو. عدالت 15 منٽ لاءِ سماعت ملتوي ڪئي. جنهن بعد اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته شق 243 هيٺ آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ ڪئي آهي.
آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ معطل ، پهرين ڏينهن جي ڪاروائي
آرمي چيف کي شٽل ڪاڪ نه ٺاهيو، ٻئي ڏينهن جي ڪاروائي
چيف جسٽس پڇيو ته اڳ۾ جاري ڪيل سمري ۽ هاڻي واري ۾ فرق ڇا آهي. اوهان اسان کي مطمئن ڪريو ته اها تعيناتي جائز ڪيئن آهي. اوهان سمري م عدالتي ڪاروائي جو ذڪر ڪيو آهي، اسانجي ڪلهي تي ٻوجهه ڇو ٿا وجهو ته جيئن اسان ان کي غلط به نه چئي سگهون، اوهان پاڻ پنهنجو ٻوجهه کڻو. چيف جسٽس چيو ته سمري مان عدالت جو ذڪر خارج ڪيو. چيف جسٽس چيو ته تعيناتي قانون موجب آهي يا نه ان جو جائزو وٺنداسين. آرمي ريگوليشن جو ڪتاب ڇو لڪايو اٿو، ان تي لکيل آهي ته هي ڪتاب ڪو به غير متعلقه شخص نٿو پڙهي سگهي، هن کي ڇو سيني سان لڳائي رکيو ويو آهي. ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ آرمي چيف جي مقرري ۽ مدت بابت قانون واضح آهي. هاڻي جڏهن معاملو عدالت م آيو آهي ته ان بابت وضاحت ٿيڻ گهرجي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون موجب ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي مدت قانون ۾ مقرر ئي ناهي. ان تي اٽارني جنرل چيو ته جڏهن مدت مقرر ناهي ته اها غير معينه مدت سمجهي ويندي. جسٽس منصور علي شاهه کيس چيو ته ڪالهه اوهان چئو پيا ته جنرل رٽائر ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پينشن ڇو ٿي ملي. هن چيو ته پارليامينٽ کان وڌيڪ سسٽم ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو به بهتر فورم ناهي. جسٽس مظهر ميان خيل چيو ته اهو به طئي ڪرڻ گهرجي ته آئنده تعيناتي ٿيندي يا توسيع. چيف جسٽس چيو ته اسين آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪئي آهي ته پروپيگنڊه شروع ٿي ويو آهي ته هي ٽئي جج سي آءِ اي جا ايجنٽ آهن، هي جج ڀارتي ايما تي ڪم ڪري رهيا آهن، هي ففٿ جنريشن جي جنگ آهي، اسان کي پڇڻو پيو ته ففٿ جنريشن جنگ ڇا آهي ته چيائون ته سپريم ڪورٽ جي ججن جون خبرون ڀارتي ميڊيا تي هلن ٿيون، هي ڇا آهي؟ ملڪ جي آئيني ادارن بابت ايئن نه ٿين گهرجي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڀارت ۾ هن معاملي جو فائدو حاصل ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ ناهي. چيف جسٽس چيو ته آئيني ادارن بابت ايئن نه ڪرڻ گهرجي، اوهان ٽن سالن جو مدو پيا وڌايو سڀاڻي ڪو قابل جنرل ايندو ته ڇا هن کي 30 سالن جي واڌ ڏيندا؟.هن چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ مونجهارو آهي اوهان رولز ۾ ترميم ٿا ڪريو، اسين ايدوائيزري ڪردار لکي ڏنو. ان دوران جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي مدت م واڌ ۽ جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا نوٽيفڪيشن پيش ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته ڪياني جي مدت ۾ واڌ واري نوٽيفڪيشن ۾ واضح ناهي ته واڌ ڪنهن ڏني. اٽارني جنرل چيو ته ان کان اڳ سمري ٺهندي آهي جنهن م تفصيل هوندو آهي. چيف جسٽس چيو ته قانون واضح ڪريو ان لاءِ گهڻو وقت گهرجي، اٽارني جنرل چيو ته 3 مهينا گهربل آهن. چيف جسٽس چيو ته جن ملڪ جي خدمت ڪئي اهي قابل احترام آهن حڪومت پهريون ڀيرو آئين ۽ قانون ڏانهن موٽي آهي جڏهن ڪو ڪم آئين ۽ قانون موجب ٿيندو آهي ته اسان جا هٿ ٻڌجي ويندا آهن. اوهان ٽن مهينن ۾ قانونسازي ڪرڻ جو چئو ٿا ته اسين ٽن مهينن لاءِ ان ۾ واڌ ڪريون ٿا. ڇو ته آئيني شق 243 ۾ 3 سالن جي مدت ناهي لکيل. آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته اسين آئين جي شق 243 کي بهتر ڪنداسين ۽ ان ۾ پگهار ۽ الائونس به شامل ڪنداسين ۽ ان بابت اسين بيان حلفي به ڏين لاءِ تيار آهيون. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سمري مان 3 سالن جو لفظ به ختم ڪريو. جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ڪجهه دير ۾ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته اچ خميس تي رات 12 وڳي آرمي چيف جد مدت ختم ٿي رهي آهي ڇو ته هو 60 سال عمر ٿيڻ سبب رٽائر ڪندو ۽ وڌيڪ فيصلو سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڪيو ويندو.










