راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان يو اي اي جي صدر ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن ۾ کيس امارات جي ٻئين وڏي اعزاز آرڊر آف يونين سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي، ٻه طرفي دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وچ اوڀر جي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي 26 جون 2022ع تي سعودي عرب جي ولي عهد طرفان تمغہ حسن کارکردگی سان نوازيو ويو ۽ 9 جنوري 2021ع تي بحرين جي ولي عهد طرفان کيس بحرين آرڊر فرسٽ ڪلاس ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه 5 آڪٽوبر 2019 تي اردن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي آرڊر آف ملٽري ميرٽ ايوارڊ ۽ 20 جون 2017 تي ترڪي جي ليجن آف ميرٽ ايوارڊ سان نوازيو، جڏهن ته آرمي چيف کي روس طرفان به مبارڪباد ڏني وئي.










