واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن روانو ٿي ويو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي دوري دوران آمريڪي انتظاميا جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.ذريعن ٻڌايو آهي ته آمريڪي دوري دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افغانستان، چين ۽ ڀارت جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي دوري دوران پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري، واپار ۽ سيڙپڪاري تي زور ڏنو.آمريڪا جي دوري دوران آرمي چيف چيو ته پاڪستان ڪشمير تڪرار جو جلد حل چاهي ٿو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪي دوري دوران جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان آمريڪا جو ڊگهي مدي وارو ساٿي رهيو آهي.










