راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير يو اي اي جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ يو اي اي جي صدر وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.










