اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) آرمي ايڪٽ پاس ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پارٽي ميمبرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. پارٽي شبلي فراز کي نظرثاني ڪميشن جو سربراهه بڻائي ڇڏيو. پارٽي ترجمان موجب شبلي فراز جي جاچ جي روشني ۾ پارٽي پاليسي کان انحراف ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ جي منظوري جي عمل ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو.پي ٽي آءِ چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته آرمي ايڪٽ جي منظوري جي عمل ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي ڪردار بابت سينيٽر شبلي فراز سميت ڪميشن معاملي جي جامع جاچ ڪندو.پي ٽي آءِ اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي تيارين، سياسي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو.










