ڪراچي (ويب ديسڪ) آرمينيا ۽ آذر بائيجان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ شروع ٿي وئي آهي ۽ 23 کان مٿي ماڻهو مارجڻ، ٽئنڪ ۽ هيليڪاپٽر تباهه ٿيڻ جو اطلاع آهي. آرمينيا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته آذر بائيجان جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ مارشل لا لاڳوڪيو ويو آهي. ناگورنو قرهباخ جي علائقي تي ڪنٽرول لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ شروع ٿي آهي. ترڪي آذربائيجان جو حامي آهي ۽ روس آرمينيا جو حامي آهي. آرمينيا جي شهرين جو وڏو انگ فرانس ۾ به رهندو آهي. انهن سڀني ملڪن فور جنگ بندي جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته ناگورنو قرهباخ بين الاقوامي طور تي آذربائيجان جو حصو آهي پر اُتي اڪثريت آبادي آرمينيائي شهرين جي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ 1980جي آخر ڏهاڪي کان جهڙپون شروع ٿيون هيون ۽ 1991 ۾ مڪمل جنگ شروع ٿي هئي جيڪا 1994 ۾ بند ٿي هئي ان دوران ٻنهي ملڪن جا 30 هزار کان مٿي ماڻهو مري ويا هئا.










