ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته 2 سالن کان 100 ميگا واٽ بجلي ڏيڻ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهيان، ڪراچي سڄي پاڪستان جو آهي.ڪراچي چيمبر پاران منعقد ڪيل مائي ڪراچي نمائش کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو،سراج تيلي هتي غائب آهي.هنن جو چوڻ آهي ته عدالت فيصلو 4 مهينن لاءِ محفوظ ڪيو آهي، اڄ تاريخ هئي پر جج موڪل تي آهي ان ڪري کيس هتي اچڻ جي اجازت ڏني وئي.مراد علي شاهه چيو ته 1980ع جي افغان جنگ 2010ع تائين هلي، 2014ع ۾ ڪراچي دنيا جو ڇهين خطرناڪ شهر هو، اڄ ڪراچي 125هين خطرناڪ شهر ۾ شامل آهي.هن چيو ته ڪراچي جو امن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اوج تي آهي، اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون، دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان ڪراچي ۾ نمائشون ۽ پي ايس ايل منعقد ڪرايون آهن.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهو به چيو ته ملڪ دشمن اسان جو دشمن آهي، ان جو مقابلو ڪنداسين، حڪومت سڄي ملڪ جي رونق بحال ڪئي آهي، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي.










