لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو طرفان 28 مئي تي ڊجيٽل آدمشماري سميت ٻين مسئلن خلاف اعلانيل هڙتال جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين کي هٿرادو طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ هي ڪوشش ڪندڙ هٿرادو، جعلي، گهوٻين ۽ فراڊ سان ڀريل ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي آهي ان کان اڳ به پاڪستان ۾ جيڪي آدمشماري ٿي اهي سڀ سنڌ سان فراڊ آهن ۽ سنڌ سان هميشه فراڊ ۽ ناانصافي ٿي آهي، ان ۾ سنڌ سان دشمني جي اها حد آهي جو سنڌ ۽ سنڌين کي هٿرادو طور تي پنهنجي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي اسان ڪوڙي ۽ جعلساز آدمشماري ذريعي پنهنجي وطن تان دستبردار ٿيون ۽ سنڌي ٽئين درجي جا شهري ٿين اهو ڪنهن به صورت قبول ناهي تنهن ڪري اسين آدمشماري کي فراڊ قرار ٿا ڏيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ 50 لک غير ملڪي ڳڻيا ويا آهن، اهي انگ اکر سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان جي مرڪزي سرڪار طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪيس ۾ جمع ڪرايا ويا هئا جنهن ۾ اِهو به چيو ويو ته سنڌ ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي جو امن امان هٿيار، دهشتگردي، انساني مارا ماري ۽ منشيات ۾ غير ملڪي ملوث آهن ان تي سپريم ڪورٽ چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪري دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي جي پيپلز امن ڪاميٽي، عوامي نيشنل پارٽي جي دهشتگرد ونگ طالبان سان گڏ دهشتگرد ڊڪليئر ٿيا آهن ان لاءِ سپريم ڪورٽ جو سال 2017ع وارو فيصلو رڪارڊ تي آهي ان ۾ ئي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو هو ته اهي ماڻهو ٻاهر ڪڍو پر توهان اهي ماڻهو ٻاهر نه ڪڍيا، ايم ڪيو ايم جي عامر فاروقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نادرا ڪراچيءَ ۾ 40 لک پاسپورٽ ۽ قومي شناختي ڪارڊ ڏنا آهن جيڪو رڪارڊ تي به موجود آهي. هن چيو ته ڪراچي غير ملڪين جي لاءِ جنت ۽ سنڌين جي لاءِ دوزخ بڻايو ويو آهي، ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلامي جهڙي جماعت چوي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي غير مقامي آهن اسان کي پنهنجي گادي واري هنڌ ۾ غير مقامي جڏهن ته افغانين، برمين ۽ بنگالين کي مقامي چون پيا اسان جماعت اسلامي جي اهڙي رويي جي مذمت ٿا ڪيون، آهي ڪو جماعت اسلامي جي اهڙي غنڊه راڄ ۽ لاقانونيت کي روڪي؟ سپريم ڪورٽ طرفان ڊڪليئر ڪيل دهشتگردن کي گڏائي ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺاهي وئي آهي ان جي سربراهه خالد مقبول صديقي کي غير ملڪي مقامي نه ٿا لڳن پر سنڌ جي وارثن کي غيرمقامي ٿا چون تنهن ڪري اسان مطالبو ٿا ڪيون ته پرڏيهين کي الڳ ڳڻي افغانستان موڪليو وڃي بلاول ۾ ايتري جرئت ناهي جو پرڏيهين جي لاءِ ڪئمپون ٺاهي انهن کي اتي ترسائي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌين کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا ٻار، عورتون ۽ ماڻهو پنن پيا، 75 سالن ۾ فيڊريشن ۾ قبضي گيري واري نظام ۾ سنڌ مٿان غربت ۽ بک مسلط آهي تنهن ڪري اسان جو پهريون مطالبو اِهو آهي ته مردم شماري ٺڳي آهي، ڌارين ۽ غير ملڪين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، ٻيو مطالبو ته سنڌ ۾ غربت ۽ هٿرادو بک ختم ڪئي وڃي، پاڪستان ۾ اسان ڪاري سون جا مالڪ آهيون، اربين ڊالر جو ڪوئلو آهي، ٽرلين ڊالرز جي گيس آهي، تيل ۽ ڪوئلو، درياهن ۽ سمنڊن جا ماڻهو بک مرن تنهن ڪري اها ڪوڙي بک آهي اها پاڪستان جي حڪمرانن اسان مٿان مڙهي آهي تنهن ڪري بک ۽ غربت جو خاتمو ڪيو، ٽيون سنڌو درياهه پنجاب يرغمال ڪيون ويٺو آهي ان لاءِ آئيني معاهدو ٿيل آهي ۽ ان کي آئيني تحفظ حاصل آهي جنهن جو نالو 1997ع پاڻي وارو ٺاهه آهي، آهي ڪو پنجاب جي وحشت، غنڊه گردي ۽ لاقانونيت کي روڪي چوي ته پنجاب اسان کي پاڻي ڏئي، پنجاب تونسه تي ڳڻپ ٿو ڏئي، تونسه ۽ گڊو جي وچ ۾ پنجاب هر مهيني لکين ڪيوسڪ پاڻي چورائي ٿو، سنڌ ۾ هر هنڌ سارين، ڪپهه، ڪمند، انب، باغات، سبزين ۽ زندگي جي لاءِ پاڻي ڪونهي، وزيراعليٰ جو شهر سيوهڻ، ٺٽو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشوري، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ پاڻي ناهي، پيپلز پارٽي جو هي ڪهڙو ڌنڌو آهي جو هو سنڌين کي انصاف ڀري مردم شماري نه ڏين، عوامي خزاني کي عوام تي خرچ نه ڪري ۽ رڳو لٽ مار ڪري. هن چيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيلن، دهشتگردي ۽ غنڊه راڄ جي حوالي آهي، هٿرادو طور پوليس مري ٿي پر ڌاڙيل نه ٿا مرن، ڌاڙيل ڪير آهن جو لائيو ڳالهين ٿا؟. هن چيو ته جيئي سنڌ محاذ جو 28 مئي تي اعلانيل هڙتال قانوني ۽ جمهوري آهي تنهن ڪري ماڻهو روڊن تي اچن ڇاڪاڻ اسيمبلين ۾ عوام دشمن ويٺا آهن ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي آهي، ووٽ جو حق ۽ تقدس غنڊن وٽ اچي ته عوام قوت دوستن جو فرض آهي ته هو روڊ تي اچي احتجاج ڪن ان لاءِ لاڙڪاڻي ۽ سڄي سنڌ جا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري هڙتال ۾ شرڪت ڪن.










