آدمشماري بابت حڪومتي اي پي سي جو بائيڪاٽ

آدمشماري بابت حڪومتي اي پي سي جو بائيڪاٽ

حيدرآباد (پ ر) پيپلز پارٽي طرفان 17 مارچ تي ٿيندڙ اي پي سي ۾ عوامي تحريڪ طرفان نه وڃڻ جو فيصلو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ وقت کان اڳ غيرقانوني ۽ غيرآئيني ڊجيٽل آدمشماري تي ڪو به اعتراض نھ ڪيو ھو. ھن وقت سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. عوامي احتجاج جي دٻاءُ کانپوءِ پيپلز پارٽي آدمشماري تي اي پي سي سڏائي، عوامي جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪري رھي آھي. پيپلز پارٽي مڪر ڪرڻ بدران آدمشماري کي روڪرائڻ لاءِ عملي ڪم ڪري. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھہ فوري طور تي ھنگامي بنيادن تي سي سي آءِ جو اجلاس گھرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت تي زور ڀري ۽ پيپلز پارٽي وفاقي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڊجيٽل آدمشماري کي روڪرائڻ جي لاءِ قراردادون پاس ڪرائي. سي سي آءِ، وفاقي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ آدمشماري جي حوالي سان سنڌ سان ٿيندڙ ظلم تي احتجاج ڪري ۽ فوري طور تي آدمشماري ملتوي ڪرائي. ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام اھو سمجھڻ جو حق جانب ھوندو تہ آدمشماري جي معاملي تي پيپلز پارٽي سراسر ڊرامو ٿي ڪري

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو