لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان آسٽريليا کي سيريز جي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 208 رنسن جو هدف ڏنو پر آستريليا جي پوري ٽيم 96 رنز تي 16.5 اوورن ۾ ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان ٽن ميچز جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 7 سقالن بعد وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. اڳ ۾ سرفراز جي اڳواڻي ۾ دبئي ۾ پاڪستان آسٽريليا کي وائيٽ واش ڪيو هو. اچوڪي ميچ ۾ محمد نواز 5، شاهين آفريدي 2، ابرار ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا جو ڪيمرون گرين 22، مارڪس اسٽائنز 23، جوش فلپس 14 رنسون ٺاهيون ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾، پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون. صائم ايوب ۽ بابر اعظم ففٽيون هنيو، شاداب خان 19 بالن تي 46 رنز ٺاهي نمايا رهيا. صائم ايوب ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته بابر اعظم هڪ ڇڪي 3 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 50 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هي سندس 139 هين ميچ ۾ 39 هين ففٽي هئي. ويرات ڪوهلي 125 ميچز ۾ 38 ففٽيون هنيون جنهن جو ريڪارڊ بابر ٽوڙي ڇڏيو. ڪوهلي رٽائر ڪري چڪو آهي، روهت شرما 37 ففٽين سان ٽئين، محمد رضوان 31 ففٽين سان چوٿين ۽ ڊيوڊ وارنر 29 ففٽين سان پنجين نمبر تي آهي. ٻين رانديگرن ۾، خواجه نافع 12 بالن تي 21 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شاداب خان 19 بالن تي 46 رنسن جي ڌوم ڌام سان اننگز کيڏي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اڄ ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن. فخر زمان، خواجه نافع ۽ شاهين آفريدي کي اڄ جي ميچ لاءِ آخري يارهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.










