ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)ايران جي مرحوم سپريم ليڊر جون آخري رسمون جاري آهن. سوشل ميڊيا تي مختلف تعزيتي وفدن جي آمد جي موقعي تي موسيقي جون مختلف ڪلپس ۽ قرآني آيتن جي تلاوت جون ڪلپ پڻ وڄايون ويون. جنهن بابت وڏو بحث هلي رهيو آهي.
ايراني سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ارنا موجب، علي خامنه اي جي آخري رسمن لاءِ “شهيد ليڊر” جي عنوان سان هڪ باضابطه موسيقيءَ جو مجموعو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ايراني فنڪار امير حسين سميعي ترتيب ڏنو آهي.
هي موسيقي ڇهن حصن تي ٻڌل آهي، جن جا نالا “امر ٿي وڃڻ”، “سفر”، “پيءُ”، “ٻيهر جياريو وڃڻ”، “جدائي” ۽ “الوداع” رکيا ويا آهن.
ارنا موجب، موسيقيءَ جا اهي سڀئي حصا آخري رسمن جي الڳ الڳ تقريبن جي مناسبت سان تيار ڪيا ويا آهن.
ڇا هر سرڪاري وفد لاءِ الڳ قرآني آيتن جي چونڊ ڪئي وئي هئي؟
انهن تقريبن بابت شايد اهو ئي سوال سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پڇيو ويو.
ڪيترن ئي صارفين ڏٺو ته جڏهن ڪجهه سرڪاري وفد تعزيت لاءِ هال ۾ پهتا ته ان وقت قرآن پاڪ جون آيتون تلاوت ڪيون ويون. پر بظاهر ائين لڳو ته هر وفد لاءِ مختلف آيتون چونڊيون ويون هيون. ڪيترن ماڻهن اهو سوال اٿاريو ته ڇا هر وفد لاءِ چونڊيل آيتن جي پويان ڪو خاص سبب يا پيغام موجود هو.
رسالي المالڪي مختلف وفدن جي آمد دوران پڙهيل آيتن جي فهرست شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته اهي آيتون اتفاقي طور نه چونڊيون ويون هيون، پر وڏي احتياط سان چونڊيون ويون هيون.
پاڪستاني وفد جي تعزيتي تقريب جي موقعي تي سورة بني اسرائيل جي آيت نمبر 80 تلاوت ڪئي وئي. جنهن جو ترجمو هي آهي. “۽ چئو: اي منهنجا پالڻهار! مون کي سچائي سان داخل ڪر، ۽ سچائي سان ٻاهر ڪڍ، ۽ پنهنجي طرفان مون لاءِ اهڙي قوت ۽ مدد عطا ڪر جيڪا منهنجي مددگار هجي.”
هي آيت الله تعالى کان اخلاص، سچائي، عزت سان اڳتي وڌڻ ۽ سندس خاص مدد جي دعا آهي. اسلامي مفسرن موجب ان جو عام مفهوم اهو آهي ته انسان جي هر نئين مرحلي، ذميواري يا سفر ۾ الله کان سچائي ۽ نصرت گهري وڃي.
جڏهن سعودي وفد هال ۾ داخل ٿيو ته ان وقت سوره آل عمران جي آيت نمبر 13 جي تلاوت ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن گروهن جو ذڪر آهي، جن مان هڪ الله جي راهه ۾ وڙهندڙ ۽ ٻيو ڪافرن جو گروهه آهي. ان آيت ۾ مسلمانن لاءِ الله جي مدد جو پڻ ذڪر آهي.
جڏهن قطر جو وفد، جيڪو شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغنيم جي اڳواڻي ۾ هو، تعزيت لاءِ هال ۾ پهتو ته ان وقت سوره الفتح جي ٻي آيت پڙهي وئي، جنهن ۾ الله تعاليٰ طرفان اڳين ۽ پوين گناهن جي معافي ۽ سڌي واٽ ڏيکارڻ جو ذڪر آهي.
ترڪ وفد جي آمد تي سوره النساء جي آيت نمبر 95 جو هڪ حصو پڙهيو ويو، جنهن ۾ الله جي راهه ۾ جهاد ڪندڙن کي ٻين کان وڌيڪ فضيلت وارو قرار ڏنو ويو آهي.
جڏهن حماس جو وفد تعزيت لاءِ آيو ته سوره الاحزاب جي آيت نمبر 23 پڙهي وئي، جنهن ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجي عهد کي سچو ثابت ڪيو ۽ انهن جو به، جيڪي اڃا انتظار ۾ آهن.
جڏهن لبناني حزب الله جو وفد هال ۾ داخل ٿيو ته ان موقعي تي سوره المائده جي آيت نمبر 56 جي تلاوت ڪئي وئي، جنهن ۾ الله جي جماعت جي غالب اچڻ جو ذڪر آهي.
ٻئي طرف ڪيترائي صارف ان ڳالهه کي رد ڪندي به نظر آيا ته هر وفد جي آمد وقت پڙهيل آيتن جي چونڊ جو ڪو خاص مقصد هو.
نجاح محمد علي هر وفد لاءِ مخصوص آيتون پڙهڻ واري دعويٰ کي “ڪوڙو الزام” قرار ڏيندي چيو ته “ايران پنهنجن مهمانن جو احترام ڪري ٿو ۽ اهڙو عمل نٿو ڪري.”
واضح رهي ته ايراني اختيارين طرفان انهن آيتن جي چونڊ جي طريقيڪار بابت اڃا تائين ڪا سرڪاري وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي آهي.










