آبپاشي کاتي جي نااهلي، خانڳڙھ واهه سڪي ويا، پاڻي کوٽ

آبپاشي کاتي جي نااهلي، خانڳڙھ واهه سڪي ويا، پاڻي کوٽ

خانپورمهر(ن سنڌيار) گهوٽڪي ضلعي جي آبپاشي کاتي جي سرعام نااهلي. خانڳڙھ تعلقي جي واهن پاڻي جي هٿرادو کوٽ. فصل جي پوکائي سخت متاثر. آبادگار ۽هارين ڪنگال. واهن اڃا تائين نه ڇڏڻ ڪري هزارين ايڪڙن زمين بنجر بڻيل. تفصيل موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ آبپاشي کاتي جي سرعام نااهلي سبب خانڳڙھ سب ڊويزن جي 10 واهن بمبلي واھ. ماڪائي مائينر. لٺ مائينر. بخاري مائينر. گاجي مائينر. امام واھ. ڪنڍير واھ مبارڪپور مائينر. مسوواھ. سميت مختلف واهن ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي رڳو گذريل هڪ مهيني اندر 15 ڏينهن پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو به پاڻي تمام ٿوري مقدار هو جنهن هزارين ايڪڙن تي ساريون. ڦٽين. ڪمند. جوئر جو فصل پوکائي نه ٿي سگهي آهي. اڪثر علائقن م بارش جي وسڪاري سبب به پاڻي جي کوٽ برقرار آهي جنهن ڪري پوکائي متاثر ٿيڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين ڪنگال ٿي وئي. معاشي طور ڪنگال بڻيل هارين ۽آبادگارن جي ڪو به آبپاشي انجنيئر ميرپورماٿيلو. سيڊا ڊائريڪٽر. ايس ڊي او آبپاشي ۽ چونڊيل نمائندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري آبادگارن ۽هارين کي سندس فصل جو پاڻي فراهم نه ڪرڻ اڪثر سرندي وارن آبادگارن پاڻي جر مان بور ڪرائي ڇڏيو جنھن ڊيزل ۽ پيٽرول مهانگائي اگهه خريد ڪري پنهنجي ٻنين کي پاڻي ڏيڻ تي مجبور آهن. آبادگار اڳواڻن. مولوي عبدالغفور گڏاڻي. حاجن مهر. اميد علي سيال. ٻين آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته 8 مهينو ٿيڻ واري آهي پاڻي نه پهچڻ ڪري فصل پوکائي نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته اسان جون زمينون بنجر بڻيل آهن. فوري طور تي نوٽيس وٺي واهن م پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن ۽ هارين کي معاشي ڪنگال کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو