آبدوز حادثي ۾ فوتي شهزاده دائود ملين ڊالرن جي اثاثن جو مالڪ

آبدوز حادثي ۾ فوتي شهزاده دائود ملين ڊالرن جي اثاثن جو مالڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سمنڊ ۾ دنيا جي سڀ کان امير شخصيتن کي ٽائيٽينڪ جي باقيات ڏسڻ لاءِ ويندڙ بدقسمت آبدوز ٽائٽن ۾ ڪل 5 سياح هئا جن ۾ نالي وارو پاڪستاني تاجر شهزاده دائود ۽ ان جو پٽ سليمان دائود به شامل هو ڪمپني اوشين گيٽ پاران 5 سياحن جي موت جي تصديق ڪئي وئي آهي تاجر شهزاده دائود پاڪستان جي سڀ کان امير شخصيتن ۾ ليکيو وڃي ٿو هو اينگرو ڪارپوريشن جو وائيس چيئرمين به هو ڪراچي ۾ هي ڪمپني ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪري ٿي جنهن ۾ ڀاڻ، خوراڪ ۽ توانائي جي پيداوار آهي. 48 ورهين جي شهزاده دائود بڪنگهم يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي هن ايل ايل بي ڪيو هن عالمي ٽيڪسٽائيل مارڪيٽنگ ۾ فلاڊيلفيا يونيورسٽي مان تعليم به حاصل ڪئي رپورٽس مطابق پاڪستاني تاجر شهزاده دائود جي ڪل دولت هن وقت 136.73 ملين آمريڪي ڊالر آهي سليمان دائود شهزاده دائود جو اڪيلو پٽ هو جنهن جي عمر 19 سال هئي سليمان دائود مختلف سائنس فڪشن جو پرستار ۽ والي بال جي ڪري مشهور هو ان کان سواءِ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ٻئي پيءُ پٽ ايڊوينچر جا ڪافي شوقين هئا شهزاده دائود جي زال جو نالو ڪرسٽينا ۽ ڌيءَ جو نالو علينا آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو