آبادگارن سان ظلم،مڻ تي 5ڪلو ڪڻتو

ڏھرڪي ( قادر خان ) آبادگارن  سان زيادتين ۽ ڦٽي تي في مڻ 5 ڪلو ڪٽوتي خلاف آبادگارن پاران عوامي هوٽل کان پريس ڪلب ڏهرڪي تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سياسي سماجي، تنظيمن جي  ڪارڪنن ۽ آبادگارن  عوامي هوٽل کان ريلي ڪڍي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي  پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين تراب شر. حيدر خان شر. . لطف شر. مٺڻ خان شر. لالا زمان شر ۽ ٻين چيو ته فيڪٽري مالڪان جي هڪ هٽي سبب آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته فيڪٽري مالڪان هڪ مڻ تي 5 ڪلو ڪٽوٽي ڪري رهيا آھن. فيڪٽري مالڪان پنجاب مان ڦٽي خريد ڪن ٿا ۽ ضلع گهوٽڪي جي آبادگارن جي ڦٽي خريد به نٿا ڪن. هنن اعلان ڪيو ته سومر ڏھاڙي مختيار ڪار ڏھرڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو