باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا آبادگار قهر جي گرمي هوندي به زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف روڊن تي نڪري آيا رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڪامريڊ احمد بشير نوناري ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ منور نوناري امجد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن رائيس ڪئنال پل ڀرسان ايريگيشن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي , جنهن سبب لاڙڪاڻو, موئن جو دڙو راڌڻ ۽ نصيرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري زمينون ڀرجڻ ته پري جي ڳالهه آ پر ٻيجاري لاء به پاڻي ميسر ناهي, هن وقت پاڻي جي کوٽ سبب زمينون مڪمل بنجر بڻيل آهن,هنن چيو ته هڪ طرف پاڻي کوٽ جي مسئلي ڪر کنيو آ ته ٻئي طرف چائنه جا ٻج مهانگي اگهه تي ملڻ سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن الزام مڙهندي چيو ته ايريگيشن انتظاميه مختلف ريگيوليٽرس تي پاڻي روڪي بااثر زميندارن کي پئسن عيوض وڪرو ڪري رهي آهي, جنهن سبب باڊھ جي شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي آهي, پاڻي نه هجڻ ڪري لکين رپين جو ٻيجارو سڪي سڙي رهيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ايريگيشن جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ رائيس ڪئنال جي ڊويزنل انجنيئر کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته بنادير ساريالي فصل لاء گهربل پاڻي ڏئي هاري توڙي آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي, ٻي صورت ۾ ايريگيشن انتظاميه خلاف احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










