ڪراچي(ويب ڊيسڪ)حڪومت ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ معاهدي ۾ دير ٿيڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 570 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي.بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1.34 سيڪڙو يا 570 پوائنٽس گهٽجي 41,896 تي 12 وڳي تي هو، ڪالهه 743 پوائنٽن جي واڌ سان 42,466 پوائنٽن تي بند ٿي ويو. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي محمد سهيل جو چوڻ هو ته دير جي رپورٽن سبب مارڪيٽ دٻاءُ هيٺ آهي، جيڪڏهن وڌيڪ دير ٿي ته بيئر مارڪيٽ گهڻي وقت تائين برقرار رهي سگهي ٿي.انٽر مارڪيٽ سيڪيورٽيز جي سربراهه رضا جعفري چيو ته IMF سان اسٽاف سطح جي معاهدي ۾ تاخير مهيني جي شروعات ۾ حاصلات کي گهٽائي ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ هڪ معاهدي تائين پهچڻ جي اميد هئي.ياد رهي ته اڄ صبح پنهنجي مشن جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته قرض پروگرام جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان سان ”مجازي ڳالهيون“ جاري رهنديون. آءِ ايم ايف جي بيان موجب مشن جي دوري دوران جن اهم ترجيحي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي انهن ۾ پائيدار روينيو قدمن سان مالي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ یکساں ۽ برابري واري سبسڊي ۾ گهٽتائي، سماج جي ڪمزور طبقن جي سماجي مدد ۽ ٻوڏ متاثرين جي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهن.










