اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي قرض پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آمريڪي سفير سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام بابت آگاهه ڪيو.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف کان قرض جي وصولي پروگرام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو.










