اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بجيٽ ۾ تجويز ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي دٻاءُ سبب واپس ورتي وئي.ذريعن موجب پرڏيهه مان هڪ لک ڊالر موڪلڻ تي آمدني جو ذريعو نه ظاهر ڪرڻ تي ڇوٽ ڏني وئي هئي.ذريعن موجب بئنڪنگ چينل ذريعي پرڏيهه مان فنڊ موڪلڻ جي شرط لاڳو ڪئي وئي ۽ آءِ ايم ايف ايمنسٽي اسڪيم تي اعتراض اٿاريو.ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ کي ختم ڪرڻ هو.ان کان علاوه 2 هزار سي سي کان وڏي لگزري گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڀاڻ جي وڪرو تي 3 رپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين جائزي ۽ پروگرام جي بحاليءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اها اڳڀرائي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقاتن ۽ رابطن سبب ممڪن ٿي آهي.










