آئين ۾ داخل طريقي ڪار بنا فنڊ جاري نٿا ڪري سگهون:ڊار

آئين ۾ داخل طريقي ڪار بنا فنڊ جاري نٿا ڪري سگهون:ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊن لاءِ آئين ۾ داخل طريقي ڪار بنا فنڊ جاري نٿا ڪري سگهون ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي طرفان پئسا نٿي ڏئي سگهي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته چونڊن ۾ واڌو خرچ به هوندا، پئسا ملي وڃن ته ڇا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿي وينديون؟ نه ٿينديون، اسيمبليون ٽٽڻ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا.هن چيو ته سپليمينٽري گرانٽ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ناڻي واري وزارت ڪجهه نٿي ڪري سگهي، آئين ۾ داخل طريقي ڪار کان هٽي فنڊ جاري نٿا ٿي سگهن، اسٽيٽ بئنڪ فنڊ جاري نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آئين کي پٺي ڏئي چونڊن لاءِ فنڊ نٿا ڏئي سگهون.سندس چوڻ هو ته پاڪستان بدترين معاشي بحران مان نڪري رهيو آهي، پاڪستان کي بدترين معاشي بحران ۾ موجوده حڪومت نه وڌو، ن ليگ گذريل دور ۾ اڀرندڙ ملڪي معيشت ڇڏي وئي هئي، معاشي ڏکيائين باوجود مردم شماري تي اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿين ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي؟

پهنجو تبصرو موڪليو