آئين مزدورن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر زرداري

آئين مزدورن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مزدورن جون قربانيون جديد مزدور حقن جي بنياد آهن ۽ انهن جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي.هن چيو ته منصفانه اجرت ۽ باوقار ڪم ڪندڙ حالتون هر مزدور جا بنيادي حق آهن، جڏهن ته شڪاگو جي مزدورن جي تاريخي جدوجهد انساني وقار جي علامت آهي. صدر 8 ڪلاڪ ڪم، 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ ذاتي وقت جي اصول کي تمام اهم قرار ڏنو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جو آئين مزدورن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ رياست استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو