اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته اسانجا وڪيل سپريم ڪورٽ پهچي چڪا آهن، اڄ ئي آئيني درخواست داخل ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته چيف جسٽس فوري بينچ ٺاهي ملڪ کي آئيني بحران کان بچائيندو ۽ آئين مطابق عدم اعتماد جي رٿ تي عمل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪندو. وفاقي وزي غلام سرور خان چيو آهي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، مارشل لا لاڳو نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو ته چيف جسٽس کي ازخود نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، جمهوري نظام کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عدليا نوٽيس نه ورتو ته تاريخ ڪڏهن کين معاف نه ڪندي. منهنجي چيف جسٽس کي اپيل آهي ته هو مداخلت ڪري.هن چيو ته فوج وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، عدليا دير نه ڪري، مداخلت ڪري، وزيراعظم جو عهدي تي رهڻ جو ڪو جواز ناهي، صدر جيڪڏهن اسمبلي ٽوڙي ته اهو به آئين جي خلاف هوندو ۽ مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ٿيندو.










