آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آئيني بئنچ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن ۽ بئنچن جي جوڙجڪ جي معاملي تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ججز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اهو اجلاس جسٽس جمال مندوخيل جي چين مان واپسي کانپوءِ گهرايو ويو آهي. ذريعن موجب جسٽس محمد علي مظفر ٽيليفون تي ڪميٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميٽنگ ۾ اڳ ۾ ايندڙ درخواستن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني بئنچ جي ججز ڪميٽي جي ميٽنگ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن ۾ آئيني بئنچ سان ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچنز 14 نومبر کان ٻڌڻي جي شروعات ڪنديون ۽ هر درخواست کي ان جي واري تي لڳايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو