آئرلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان

آئرلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ليگ اسپنر راشد خان فٽ قرار ڏيڻ کانپوءِ ٽيم ۾ واپس اچي ويو آهي ۽ سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو.راشد خان 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو آهي جيڪو پوئتي جي تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ بحالي مڪمل ڪري رهيو هو. راشد خان فٽنس مسئلن سبب پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي نه ڪري سگهيو.ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي شارجه ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو