آءِ فون 16 ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو،نئون شيپ جاري

آءِ فون 16 ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو،نئون شيپ جاري

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ايپل جا نواز آءِ فونز ته سيپٽمبر 2024ع ۾ متعارف ڪرايا ويندا پر ان حوالي سان ليڪس جو سلسلو جاري آهي.اڇا اهو واضح ناهي ته آءِ فون 16 سيريز جا ماڊلز ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندا.پر هڪ رپورٽ ۾ آءِ فون 16 جي امڪاني ڊزائين جا پروٽوٽائيپ خاڪا جاري ڪيا ويا آهن.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جي بيسڪ آءِ فون ماڊل لاءِ ايپل طرفان بيڪ ڊزائين ۽ بٽڻن ۾ تبديلين جو امڪان آهي.ان ڪري ڪمپني پاران 3 ڊزائنز تي غور ڪيو پيو وڃي جن جا خاڪا رپورٽ ۾ جاري ڪيا ويا آهن.سائي ۽ ڦڪي رنگ جي پهرين ڊزائين ۾ بيڪ تي آءِ فون ايڪس جهڙو ڪيمرا سيت اپ نظر اچي رهيو آهي.گلابي ۽ ڪاري رنگ جي ڊزائنز ۾ ڪيمرا سيٽ اپ ڏسڻ ۾ هڪ جهڙو ئي لڳي رهيو آهي.پر ٽنهي ڊزائنز ۾ واليوم ڪنٽرولز سان گڏوگڏ ايڪشن بٽڻن جو اضافو به نظر اچي رهيو آهي.واضح رهي ته آءِ فون 15 سيريز ۾ ايڪشن بٽڻ رڳو پرو ماڊلز ۾ ڏنو ويو هو پر ايندڙ سال اهو سڀني ڊوائيسز جو حصو بڻجي سگھي ٿو.ڪاري رنگ جي ڊزائين ۾ هڪ نئون Capture بٽڻ به پاور بٽڻ جي هيٺان نظر اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو