دبئي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي چيو ته آءِ سي سي ۽ پي سي بي جي وچ ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون آهن. جنهن بعد 15 فيبروري تي ڀارت سان رٿيل ميچ پاڪستان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماهرن موجب ان سان ٿيندڙ 174 ملين ڊالر جو نقصان بچي ويو آهي. ممبئي ۽ ڪولمبو ۾ ٽڪيٽن جي قيمت ۾ 10 کان 60 هزار روپيا واڌ ٿي وئي آهي. هوٽلن جي بڪنه واري قيمت ۾ به واڌ ٿي وئي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب، ڌرين تعميري رابطي جي ضرورت کي تسليم ڪيو. انهن ايمانداري، غير جانبداري، باهمي تعاون جي اصولن تحت متحد، پرعزم ۽ تعميري انداز ۾ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.آءِ سي سي چيو ته سڀئي ميمبر آءِ سي سي جي ايونٽس ۾ شرڪت جي شرطن تحت پنهنجين ذميدارين جو احترام ڪندا.










