آءِ سي سي ٽي پاران ورلڊ ڪپ لاءِ ڪمينٽري پينل جو اعلان

آءِ سي سي ٽي پاران ورلڊ ڪپ لاءِ ڪمينٽري پينل جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 10 هين ايڊيشن لاءِ ڪمينٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پينل ۾ اڳوڻي عظيم ۽ موجوده ستارن جي شاندار فهرست شامل آهي.ٽي 20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان هندستان ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ اعلان ڪيل ڪمينٽري پينل ۾ روي شاستري، ناصر حسين، ايان سمٿ ۽ ايان بشپ جهڙا عالمي شهرت يافته نالا شامل آهن.ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪمينٽري پينل ۾ چار پاڪستاني نالا وسيم اڪرم، وقار يونس، بازيد خان ۽ رميز راجا شامل آهن، جڏهن ته آرون فنچ، دنيش ڪارٿڪ، ڪمار سنگاڪارا، سيموئل بدري، رابن اٿپا ۽ ڪارلوس بريٿ ويٽ پڻ ڪمينٽري جا فرض انجام ڏيندا.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موجوده رانديگر ۽ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ کٽيندڙ ڪپتان ٽيمبا باوما پڻ ڪمينٽري ۾ پنهنجو آواز جادو ڏيندا.جڏهن ته 2014 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فاتح اينجلو ميٿيوز پڻ ڪمينٽري ٽيم جو حصو هوندو ۽ اهي ٻئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ ڪمينٽري ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو