اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سڌارا ضروري آهن.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته خانگي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو، معاشي سڌارن سان ئي ملڪ ترقي ڪندو.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هو معاشي استحڪام جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن، مرڪزي بئنڪ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي.هن چيو ته خانگي شعبي کي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي.










