آءِ ايم ايف وفد اڄ ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي نمائيندن سان ملاقات ڪندو

آءِ ايم ايف وفد اڄ ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي نمائيندن سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جو وفد اڄ ملڪ جي سياسي جماعتن جي نمائيندن سان ملاقات ڪندو. آءِ ايم ايف نمائيندن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان جي وڏي سياسي جماعتن جي نمائيندن سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ مسلم ليگ (ن)، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي نمائيندن سان ملاقات ٿيندي. آءِ ايم ايف نمائيندن جو چوڻ هو ته ان ملاقات جو مقصد چونڊن کان اڳ آءِ ايم ايف جي نئين سپورٽ پروگرام لاءِ انهن جي حمايت جي خاطري حاصل ڪرڻ آهي. آءِ ايم ايف نمائيندن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان سان نئين اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ ۾ غور ڪيو ويندو. حماد اظهر جو بيان ٻي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي وزير وزير حماد اظهر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم اڄ زمان پارڪ ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪندي، پي ٽي آءِ جي اقتصادي ٽيم کي آءِ ايم ايف اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ تي حمايت وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو