اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عملدارن سومر جي رات آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت صدارتي آرڊيننس ذريعي ٽيڪس جي مد ۾ 170 ارب روپين جي اضافي جي منظوري لاءِ اڱاري تي وفاقي ڪابينا آڏو مختلف ٽيڪس تجويزون پيش ڪندي.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ٽيڪس قدم هڪ ڀيرو نه پر مستقل طور متعارف ڪرايا وڃن. حڪومت آئي ايم ايف جي سخت مزاحمت جي ڪري درآمدات تي سيلاب ٽيڪس (فلڊ ليوي) لاڳو ڪرڻ جو منصوبو ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ته حڪومت تجويز ڪئي آهي ته هڪ سيڪڙو کان GST وڌائي 17 سيڪڙو معياري 18 سيڪڙو کان واڌ ڪئي وڃي سرڪاري ذريعن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آرڊيننس آڻڻ جو طريقو اختيار ڪنداسين ته جيئن وڌيڪ وقت ضايع نه ٿئي ۽ جيئن ئي ڪابينا منظوري ڏيندي ته هن هفتي صدارتي آرڊيننس تي عمل ڪيو ويندو.










