لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته گورننس ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش کان به پوئتي آهيون، هاڻي دنيا اوهان کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اوهان کي ڪنهن ٻئي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻو پوندو.لاهور ۾ ريمنگ پاڪستان سيمينار کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته هو هن وقت جنهن مالي پريشاني ۾ ڦاٿل آهن ان مان ضرور ٻاهر نڪرنداسين.هن چيو ته پاڪستان ۾ گورننس جو نظام خراب ۽ فرسوده ٿي ويو آهي، پاڪستاني حڪومت کي 6 هزار ارب رپيا سود ادا ڪرڻا آهن.مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته 20 کان 25 ارب ڊالر واپس ڪرڻا آهن، هن سال 800 هزار رپيا بجيٽ خسارو آهي.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته هڪ کان قرض وٺون ٿا ۽ ٻئي کي ڏيون ٿا، هلندڙ سال بجيٽ خسارو 1000 ارب رپيا ٿي ويو آهي، نظام کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون.سندس چوڻ آهي ته دنيا بدترين مالي بحران سبب قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جنهن صورتحال ۾ ڦاسي پيا ان مان نڪرڻ ۾ ٻه ٽي سال لڳندا.هن چيو ته اسان اعليٰ تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گردشي قرضن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، حڪومت جي هر تبديلي سان گردشي قرض وڌي رهيو آهي.مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي 20 سالن ۾ پئسو ناهي ڪمايو، هن سال پي آءِ اي کي 90 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪري سگهون ٿا ۽ نه پرائيويٽائيزيشن ڪري سگهون ٿا.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته حڪومت کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻي آهي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي فوري طور ڪجهه ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هڪ ڊالر به ناهي اچي رهيو.










