پريشان نه ٿيو، آءِ ايم ايف جي قسط جلد ملي ويندي: ڊار

پريشان نه ٿيو، آءِ ايم ايف جي قسط جلد ملي ويندي: ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته دوست ملڪن کان فنانسنگ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف جي ايندڙ قسط ملڻ واري آهي، ان ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا بريفنگ ڏني.آءِ ايم ايف پروگرام تي بريفنگ ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ ڪيترائي ڏکيا فيصلا ڪيا ويا، آءِ ايم ايف سان اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي.عائشه غوث پاشا چيو ته پاڪستان کي پرڏيهي فنانسنگ تي دوست ملڪن جي سهڪار جي ضرورت آهي، دوست ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، انهن سان معاملن ۾ تمام جلد اڳڀرائي ٿيندي، چين ڏکئي وقت ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. اميد آهي ته سعودي عرب به تمام جلد اڳتي ايندو، جڏهن ته متحده عرب امارات مان به وڏيون اميدون آهن.هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط ملڻ واري آهي، پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، دوست ملڪن کان فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي دوست ملڪن کان فنانسنگ جي تصديق ڪري رهيو آهي.مملڪتي وزير چيو ته پيٽرول تي سبسڊي مڪمل طور تي ڊزائين ناهي، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان تي مڪمل شفاف نظام جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف پاران غريبن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي زور ڏيڻ منافقت آهي، پيٽرول تي سبسڊي جي ڊيزائن ڪري اها منافقت آهي. آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو